پورهيت حقن لاءِ پاڻمرادو جدوجهد ڪرڻ لڳا، پورٽ قاسم ۾ گودام پورهيتن جي هڙتال، ڌرڻو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جي علائقي پورٽ قاسم لڳ قائم اڪبر گودام، ڪي ڪي گودام ، سلور گودام سميت ٻين گودامن ۾ ڪم ڪندڙ سوين پورهيتن پاران مزدوري جي رقم نه وڌائڻ خلاف گودام مالڪن ۽ ٺيڪيدارن جي زيادتين خلاف ڪم ڇڏ هڙتان ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري گودامن آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،  ڌرڻي جي اڳواڻي لالو لغاري، حاجي برڪت مستوئي، صدر لغاري، عبدالرحيم ٻرڙو، نويد سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي پورهيتن گودامن جي ٺيڪيدارن ۽ مالڪن خلاف نعريبازي ڪئي ۽ اگهه وڌائڻ جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شريڪ پورهيتن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي سالن کان گودامن ۾ مزدوري ڪري رهيا آهيون اسان کي مزدوري جو صحيح حق ادا نه پيو وڃي، جيستائين مزدوري جو مناسب اگھ نه ڏنو ويندو تيستائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو، هنن چيو ته ملڪ ۾ روزاني جي بنيادن تي مهانگائي وڌنڌي پئي وڃي پيٽرول سميت عام واهپي جون شيون اچتو وڌڻ سبب اسان جا ٻچا فاڪا ڪشي تي مجبور ٿي ويا آھن، اسان گهٽ اگهه ملڻ تي ڪم نه ڪنداسين اسانکي جائز حق ڏنا وڃن، هنن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، خوراڪ جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته مل مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن اسان جي ٻچن کي فاڪا ڪشي کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.