گستاخ بيان: سينيٽ ميمبرن پاران ڀارتي هاءِ ڪميشن آڏو احتجاج جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ ميمبر ڀارتي اڳواڻن جي گستاخانا بيانن جي خلاف جمعي ڏينهن ڀارتي سفارتخاني ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين رولنگ ڏني ته ڀارتي اڳواڻن توهين رسالت ﷺ ڪندي بيان ڏنا جنهن جي خلاف جمعي نماز کانپوءِ ڀارتي سفارتخاني ۾ سينيٽ ميمبر احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا، جڏهن ته  قومي اسيمبلي ڀارت ۾ بي جي پي جي ترجمان ۽ اڳواڻن پاران توهين آميز لفظن تي ٻڌل بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڀارتي حڪومت کان ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي قرارداد جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قرارداد ۾ عالمي برادري کان ڀارت ۾ مذهبي اقليتن جي خلاف انتهاپسنداڻي هندوتوا نظريي تحت پرتشد ڪاررواين ۽ اقليتن جي حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.