بحريا ٽائون، پاڻي کوٽ خلاف جسقم جا ٻئي ڏينهن به سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا)جسقم جا ٻئي ڏينهن به سنڌ ۾ مظاهرا،  تفصيل موجب سنڌ دشمن رٿا بحريا ٽائون ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ پاران مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ،ضلعي صدر رشيد ڏيٿو ، سرجيل سالاريو، ذوالفقار ڏيٿو ۽ سردار اياز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سيد شھمير چوڪ کان مٽياري پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو نٽھڻ اس باجود سوين جسقم ڪارڪن ريلي ۾ شريڪ ھئا ،اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ملڪيتن تي قبضا ڪري بحريا ٽائون اڏي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي جيڪا ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته بحريا ٽائون ۾ لکين ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ،ميروخان  جسقم اڳواڻن احمد علي تنيو ، اختيار علي دايو نديم ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،سڪرنڊ ۾ جسقم سٽي تعلقي سڪرنڊ پاران بحريا ٽائون ، ڪمانڊر سٽي، ڊي ايڇ اي سٽي ، سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري سميت جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ، آصف رضا مگسي ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف چانڊيا پيٽرول پمپ سڪرنڊ کان جسقم جي مرڪزي پريس ترجمان آصف رضا مگسي ، مسعود شاهه ، مورڙيو ميربحر، شبير مگسي ، راڻو جلباڻي، برڪت جلباڻي، جي ايم زئونر، غوث ڪيريو، فهيم کوکر ، فرمان رند ، بابو رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڊيا سينٽر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ميرپورماٿيلو ۾ فقير رمضان ڪلوڙ محمد حنيف سومرو عمر ڀيو ممتاز گبول يوسف بوزدار جاويد ديشي رحيم ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، رتوديرو ۾ جسقم ڪارڪنن پاران هٿن ۾ زنجير پائي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاهرين  آصف اوڍو ، روشن جويو ، علي رضا عارباڻي ، انصار چنو ، مدثر عارباڻي ، مظفر لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک روڊن رستن تان ٿيندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ جاري آهي سنڌ جا حقيقي وارث ۽ مالڪ ننڌڻڪا ڪيا ويا آهن ،تنگواڻي ۾ صوبدار سرڪي،اعجاز ملڪ، نادر جعفري سليم سنڌي جي اڳواڻي ۾ دوڙ ۾ محبوب خاصخيلي ، سعيد احمد خاصخيلي،رحيم سنڌي, سلمان وساڻ، اسد ديشي جي اڳواڻي ۾،گهوٽڪي ۾ حبيب الله گھوٽو، نصرالله ڪلادي، رشيـد سنڌي، محبوب گھوٽو،فاروق ڪلھوڙو،وھاب سھتو ۽ ٻين جـي اڳواڻــي ۾ لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي طرفان بحريه ٽائون ٻاهريان ڌرڻي دوران گرفتارين ۽ قومي ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ واري ڏهاڙي کي سال مڪمل ٿيڻ تي 6 جون کي ڪاري ڏينهن طور ملهائي جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستاني چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناح باغ ۽ بعد ۾ پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ملڪ رياض جي پتلي کي باهه ڏئي ملڪ رياض ۽ بحريه ٽائون خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻ مرڪزي اڳواڻ مومن سمون، جسقم ضلعي صدر عزيزالرحمٰن شيخ، قادر سنڌي، اصغر ڪورائي، اياز ڪورائي، فراز کهاوڙ، الھ بخش چانڊيو، شاهد لانگاھ، صفر چانڊيو، زوهيب سومرو سميت ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي ۾ ڪجھ ڪارڪنن پاڻ کي زنجيرن ۾ جڪڙي ۾ شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته 6 جون سنڌ لاءِ ڪارو ڏينهن آهي جنهن ڏهاڙي تي سنڌ جي لکين مظلوم ماڻهن گڏجي بحريه ٽائون جي گيٽ آڏو پرامن احتجاج ڪندي ڌرتي ماءُ مٿان ٿيندڙ قبضي خلاف سخت احتجاج ڪيو جنهن تي سنڌ حڪومت ملڪ رياض جي وانگار وهندي پرامن احتجاج تي آنسو گيس ۽ گوليون وسايون ،هن چيو ته اسان سنڌي ماڻهن جي جدوجهد ڪري انهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريون پيا ان لاءِ سنڌي ماڻهن کي به گهرجي ته هو به اسان سان هن جدوجهد ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ لکين ماڻهن کي گڏ ڪري پوري دنيا کي ٻڌايون ته هي سنڌ اسان جي ۽ اسان سنڌي هن جا مالڪ ۽ وارث آهيون. خيرپور ناٿن شاھ ۾ سيد عاقب شاه مشتاق چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مير حسن چونڪ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ پارٽي جهنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري مک روڊ تي ڌرڻو ،ملير ۾  لطيف ڦلپوٽو، جوڌو سولنگي، نانو ميراڻي، راشد سنڌي، فرمان سنڌي، بابر سيال، رفيق ٻگهيو ۽ ٻين چيو ته بحريا ٽائون سنڌ دشمن منصوبو آهي جيڪو مقامي ماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪري ٺاهي ويو آهي، بحريا ٽائون ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ ۽ ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن جي خلاف جسقم سراپا احتجاج بڻيل آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.