عظيم ڏاهي رسول بخش پليجي جي اڄ چوٿين ورسي

حيدرآباد (پ  ر) ناليواري قانوندان، اديب، دانشور، محقيق، جمهوريت جي بحاليءَ، عدليه ۽ صحافت جي آزاديءَ لاءِ مسلسل جدوجهدڪندڙ زندانن جي فاتح عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي ورسي عوامي تحريڪ طرفان اڄ 7 جون تي شام جو پنج وڳي منگر خان پليجو جنگشاهيءَ ۾ ڀرپور نموني ملهائي ويندي، ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي قيادت، سماجي شخصيتن، اديبن، دانشورن، شاعرن، وڪيلن، صحافين، استادن، شاگردن، هاري ۽ مزدور اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون ويون آهن. پنجاهه هزار ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ورسي جو پنڊال تيار ڪيو ويو آهي. سنڌياڻين جو وڏو تعداد ورسي جي جلسه عام ۾ شرڪت ڪندو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته رسول بخش پليجي صاحب جي ورسي تاريخي ٿيندي. اڳواڻن چيو ته ڪالاباغ ڊيم بابت ميان منشا جو بيان مذمت جوڳو آهي. پنجاب جا حڪمران چشمه جهلم لنڪ ڪينال، تونسا پنج نند، گريٽر ٿل ڪينال ۽ ڊيمن ذريعي سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.