ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، 50 لک رپين جي ڦر

ڪراچي(رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو)ڪراچي جي لانڍي جي علائقي مان نامعلوم هٿيار بند ڪولڊ ڊرنڪ ايجنسي جي مالڪ ارسلان کان هٿيارن جي زور تي 50 لک روپيه ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته واپاري 50 لک روپيه ٿيلهي ۾ وجهي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ڦرجي ويو. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ پوليس واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪورنگي کي ٽيمون متحرڪ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. هوڏانهن  گڏاپ ٿاڻي جي پوليس بحريه ٽائون ۾ ڪارروائي ڪري چوريءَ جي وارداتن ۾ ملوث هڪ گروه کي گرفتار ڪيو آهي جنهن ۾ هڪ عورت به شامل آهي. پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ ياسر ، افتخار، راشد ۽ پروين اختر شامل آهن جن وٽان 4 پستول، هڪ هنڊا سٽي ڪار ۽ چوريءَ جي وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار هٿ ڪيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار چوريءَ جي هڪ درجن وارداتن ۾ ملوث آهن ۽ 100 تولن کان وڌيڪ سون چوري ڪري چڪا آهن، ٻئي پاسي پوليس سمامه شاپنگ مال ڀرسان مقابلي بعد هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي بلال ڪالوني ٿاڻي جي پوليس ڪراچي ۾ دڪانن ۽ لوڊنگ گاڏين کان ڦر لٽ ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن شايان عرف شاني ، احمد ۽ دلاور کي گرفتار ڪري وررتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.