”توانائي جي بچت“ خواجا آصف هفتي ۾ ٻن موڪلن جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف هفتي ۾ ٻن موڪلن جي تجويز ڏئي ڇڏي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته موجوده حالتن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڇنڇر ۽ آچر موڪل هجي، ڇنڇر، آچر موڪل ۽ جمعي تي اڌ ڏينهن ڪم هجي، معنيٰ هفتي ۾ ساڍا 4 ڏينهن ڪم هجي. هن چيو ته ڪم جي ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ آفيس جو وقت وڌايو وڃي، ائين روڊن تي ٽريفڪ گهٽ ٿيندي، تيل ۽ بجلي ٻنهي جي بچت ٿيندي، اهڙن قدمن سان بچت مهم جي ڪلچر کي هٿي ملندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.