آءِ ايم ايف پاران سرڪاري ملازمن جي پگهار نه وڌائڻ جو شرط، دفاعي بجيٽ وڌندي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد(م ڊ) سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جو معاملو آءِ ايم ايف جي منظوري سان ڳنڍيو ويو آهي، ذريعن مطابق آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون نه وڌايون وڃن، ناڻي واري وزارت ملازمن جون پگهارون وڌائڻ جون تجويزون آءِ ايم ايف آڏو رکندي، ناڻي وزارت ملازمن جي بنيادي پگهار ۾ اضافي بدران ايڊهاڪ الائونس ڏيڻ چاهي ٿي، ان لاءِ به آءِ ايم ايف جي رضامندي ضروري آهي، آءِ ايم ايف جون منظور ڪيل تجويزون ئي بجيٽ جو حصو هونديون.

اسلام آباد(م ڊ)  ناڻي واري وزير  مفتاح اسماعيل بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن تي ٽئڪس نه لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته تيل جي اگهن واري مامري تي حڪمران ڌر هٿ مٿي کڻي ڇڏيا آهن،خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته نئين بجيٽ ۾اشرافيه تي ٽئڪس لڳندو، دفاعي بجيٽ وڌندي ۽ آمدني جي حساب سان ٽيڪس لڳندا،هن چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو آهي، عمران حڪومت 20 هزار رب رپين جو قرض ورتو، عمران خان ڄاڻي واڻي پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي ۽ ڏکيائين ۾ اضافو ڪيو آهي،مفتاح اسماعيل چيو ته جيڪڏهن عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ته نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ اسان وٽ پئسا ناهن، ظاهر ڳالهه آهي ته حڪومت وٽ اگهه وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هوندو، ٻئي پاسي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ ٻيهر واڌ ڪرڻ کانپوءِ اقتصادي بحران مان نڪري آيا آهيون.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، پيٽرول جي قيمت ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪري اسان اقتصادي بحران مان نڪري آيا آهيون.هن چيو ته وزيراعظم ايندڙ وقت ۾ مهانگائي تي ضابطي لاءِ قدمن جو اعلان ڪندو ته جيئن حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اچي سگهي.سندس چوڻ هو ته پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽ، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس يا عوام جي پرائيويٽ لاڪرز کي منجمد ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، اسان اهڙو ڪو قدم نه کڻنداسين، سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان خبرون غلط آهن ۽ جانبدار ڌرين طرفان پکيڙيون پيون وڃن، هوڏانهن حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ فارين ڪرنسي اڪائونٽس، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۽ سيفٽي ڊپازٽ لاڪرز جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ بي بنياد دعوائن جي ترديد ڪئي آهي. سومر ڏينهن ناڻي وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري گڏيل بيان مطابق پاڪستان حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پاڪستان جي بئنڪن ۾ فارن ڪرنسي اڪائونٽس، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۽ سيفٽي ڊپازٽ لاڪرز کي برقرار رکندڙ سڀني اڪائونٽس هولڊرن کي يقين ڏياريون ٿا ته انهن جا اڪائونٽ ۽ لاڪرز مڪمل طور تي محفوظ آهن، انهن تي ڪا به پابندي لڳائڻ جي تجويز غور هيٺ ناهي. سوشل ميڊيا تي افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته حڪومت اسٽيٽ بئنڪ، فارن ڪرنسي اڪائونٽس، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۽ سيفٽي ڊپازٽ لاڪرز مان رقم ڪڍرائڻ تي پابندي لڳائڻ يا منجمد ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. اهڙيون افواهون بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهن. واضح ڪيو ويو آهي، ته اهڙي تجويز تي اڃا تائين غور ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي ماضي ۾ غور ڪيو ويو هو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.