استعيفائن تي پي ٽي آءِ ۾ اختلاف، اڪثر ميمبرن پاران فيصلو سياسي آپگهات قرار

اسلام آباد(م ڊ) استعيفائن جي معاملي تي پي ٽي آءِ ۾ اختلاف ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، اڪثر ميمبر قومي اسيمبلي ۾ واپسي جا خواهشمند آهن. پي ٽي آءِ ميمبر استعيفائن جي معاملي تي خدشا ظاهر ڪرڻ لڳا آهن. ميمبرن چيو آهي ته ووٽنگ جي بائيڪاٽ ۽ استعيفائن جي تجويز ڏيندڙ شخصيت کي سامهون آندو وڃي. ميمبرن جو چوڻ آهي ته پارٽي کي غلط مشورا ڏئي سياسي ساک کي نقصان پهچايو ويو. ميمبرن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃي حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ گهرجي. ذريعن موجب چيف وهپ عامر ڏوگر به ووٽنگ جي بائيڪاٽ جو مشورو ڏيندڙ کان اڻڄاڻ آهي. عامر ڏوگر چيو ته بائيڪاٽ نه ڪجي ها ته راجا رياض جهڙا ڀڃڪڙي ڪندڙ ميمبر ڊي سيٽ ٿي وڃن ها. ذريعن موجب ميمبرن پارلياماني پارٽي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اجلاس گهرائي سڀني کي موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. سياسي آپگهات ڪيو ويو، ايندڙ چونڊن ۾ ڪير ووٽ ڏيندو. هوڏانهن فواد چوڌري چيو آهي ته هي اسيمبلي جعلي ٿي وئي آهي، ) اسيمبلي ويندڙ يا وڃڻ جي خواهش ڏيکاريندڙ پارٽي ڇڏي پوءِ وڃن.هوڏانهن تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي تصديق جو عمل شروع نه ٿي سگهيو،   پي ٽي آءِ جو ڪو ميمبر تصديق لاءِ اسيمبلي نه ويو. قومي اسيمبلي اسپيڪر استعيفائن جي تصديق جي حوالي سان هر پي ٽي آءِ ميمبر لاءِ 5 منٽ مقرر ڪيا هئا ۽ تصديق لاءِ پي ٽي آءِ جي 30 ميمبرن کي  گهرايو هو پر ڪو ميمبر پيش نه ٿيو. قومي اسيمبلي استعيفائن جي تصديق لاءِ 10 جون جي ڊيڊ لائن مقرر ڪئي آهي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.