پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي غيرضروري تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي: چيئرمين جوائنٽ چيفس

اسلام آباد ( م ڊ ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ڊپٽي چيئرمين نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جنرل نديم رضا چيو آهي ته قومي اسٽريٽيجڪ پروگرام تي بي بنياد ۽ غير ضروري تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي، سول ۽ فوجي قيادت اسٽريٽيجڪ پروگرام سان گڏ شيهي جي ڀِت جيان بيٺل آهي.نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي جنرل نديم رضا چيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ملڪي دفاع ۽ سلامتي جو ضامن آهي، ايٽمي پروگرام کي عوام ۽ سياسي پارٽين جي حمايت حاصل آهي.هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ائٽمي پروگرام تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو، پاڪستان هڪ ذميوار ۽ پراعتماد نيوڪليئر ملڪ آهي.ڊپٽي چيئرمين نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جنرل ندم رضا وڌيڪ چيو ته اسان جي قومي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي ميڪنزم هر قسم جي خطري خلاف تمام قومي ۽ عالمي ظابطن موجب آهي، ايٽمي ملڪن ۾ لاڳو طريقه عمل موجب رڳو نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ئي اسٽريٽيجڪ پروگرام تي رسپانس ۽ تبصرو ڏئي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.