قمبر: استادن جو ڊي اي او تعليم جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ استادن پاران ڊي اي او تعليم جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

گسٽا جي سڏ تي استادن بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪري اسحاق سومرو، سڌير لاشاري، مشتاق گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن الزام مڙهيندي چيو ته ڊي اي او تعليم انيس جلباڻي تعيلم کاتي ۾ وڏيرا شاهي قائم ڪيون ويٺو آهي، سنيئر استادن کي نظر انداز ڪري من پسندن کي رشوتن عيوض پرموشن ڏئي رهيو آهي، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

هنن تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ڊي اي او خلاف ايڪشن کڻي سينيئر استادن جا مسئلا حل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.