سڀاڻي کان بجلي جو دورانيو ڪيترو هوندو؟ حڪومت وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي دعويٰ ڪئي آهي ته بجلي بحران تي ضابطي جون ڪوششون جاري آهن ۽ سڀاڻي کان لوڊشيڊنگ جو دورانيو گهٽجي رڳو ساڍن ٽن ڪلاڪن تي اچي ويندو.

اسلام آباد ۾ پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان ڪوئلي سان هلندڙ پلانٽن جي پيداوار وڌائي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ 16 جون کان لوڊشيڊنگ جو دورانيو 3 ڪلاڪن کان به گهٽ رهجي ويندو، جڏهن ته 30 جون کان لوڊشيڊنگ رڳو ٻه ڪلاڪن تائين ٿيندي.

هن اميد ظاهر ڪئي ته جولاءِ ۾ لوڊشيڊنگ جو دورانيي ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻينداسين، ملڪ ۾ اڄ بجلي جي گهرج 25 هزار ميگا واٽ آهي، اسان کي جيڪو ڪجهه مليو، ان کي چئلينج سمجهي قبول ڪيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ تي عوام سان معذرت ڪيون ٿا، بجلي بحران پويان ڪوتاهين، ڪرپشن ۽ نالائقين جو وڏو داستان آهي، سستي بجلي ٺاهيندڙ ٻه وڏا پاور پلانٽ 2019 ۾ مڪمل ٿيڻا هئا، اهي اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهيا، چئن سالن ۾ بجلي جو ڪو نئون پلانٽ نه لڳو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته بازار مان مهانگي ايل اين جي ۽ فرنس آئل آڻي بجلي ٺاهي رهيا آهيون، ايل اين جي جا جهاز، جيڪي 30 ملين ڊالرن ۾ آيا هئا، اڄ 120 ملين ڊالرن جا آڻي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.