ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي طالبان حڪومت ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي اڳواڻ طرفان گستاخاڻي بيان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته افغان حڪومت ڀارتي حڪمران جماعت جي اڳواڻ طرفان گستاخاڻي بيان جي سخت مذمت ڪري ٿي.
هن ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهڙن جنونين کي اسلام جي توهين ڪرڻ ۽ مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.