ڪوٽڙي ۾ خانگي فيڪٽري جي پورهيتن جو اجرت ۾ واڌ نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪوٽڙي ۾ خانگي فيڪٽري جي پورهيتن پاران اجرت ۾ واڌ نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

سائيٽ واري علائقي ۾ قائم عوامي ڪاٽن فيڪٽري جي پورهيتن فيڪٽري جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي پورهيتن جو چوڻ هو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ماهوار پورهيتن جي 25 هزار رپيا اجرت ڪرڻ واري اعلان باوجود ڪاٽن فيڪٽري انتظاميا رڳو 16هزار پگھار ڏئي رهي آهي جنهن سان ههڙي مهانگائي جي دور ۾گذر سفر ڏکيو ٿي ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته اجرت ۾ واڌ لاءِ پرامن احتجاج ڪرڻ تان انتظاميا پورهيتن کي گرفتار ڪرائي فيڪٽري ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي رهي آهي، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

پورهيتن سنڌ حڪومت ۽ ليبر کاتي کان مطالبو ڪيو ته عوامي ڪاٽن فيڪٽري انتظاميا جي زيادتين جو نوٽيس وٺي اجرت ۾ واڌ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.