هڪ ٻي ڀارتي اداڪارا جو ننڍي عمر ۾ لڄالٽ جو نشانو بڻجڻ جو انڪشاف

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) نيٽ فلڪس سيريز ”سيڪرڊ گيمز“ ۾ ڪڪو جي ڪردار سان شهرت ماڻيندڙ ڀارتي اداڪارا، ماڊل ۽ ٽي وي ميزبان ڪبريٰ سيت ننڍي عمر ۾ جنسي لڄالٽ جو شڪار بڻجڻ جو انڪشاف ڪري ڇڏيو.

ڪبريٰ سيت پنهنجي ڪتاب ‘Open Book: Not Quite a Memoir’ ۾ ٻڌايو ته مون کي هڪ فيملي فرينڊ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، ان وقت منهنجي عمر 17 سال هئي.

هوءَ لکي ٿي ته مان سڀ ڪجهه خاموشي سان برداشت ڪيو، ڇو ته پنهنجي فيملي کي تباهه ڪرڻ نه پئي چاهيو.

سندس موجب منهنجي ماءُ کي خبر ئي نه هئي ته ان جي پنهنجي گهر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اهو شخص ڏيڍ سال تائين مون سان خراب ورتاءُ ڪندو رهيو، هو ماءُ سامهون منهنجا ڳَل چمندو هو ۽ چوندو هو ته ”ڪبريٰ! تون منهنجي پسنديده ڇوڪري آهين“، منهنجي ماءُ ان جي رويي کي ڪجهه ٻيو سمجهندي هئي ۽ ان تي کلندي هئي.

اداڪارا چيو ته ماءُ کي خبر نه هئي هن جي نيت ڪهڙي آهي، هو هڪ ڏينهن مون کي هوٽل وٺي ويو ۽ اتي پهريون ڀيرو جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، هن مون کي ٻڌايو ته ان مقصد لاءِ ڪيترائي مهينا جتن ڪندو رهيس.

ڪبريٰ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مان ان واقعي بابت ڪنهن کي نه ٻڌايو، پنهنجي ماءُ کي به نه، ڇو ته ان شخص مون کي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن مان ڪنهن کي ٻڌايو ته ان جا نتيجا سنگين هوندا، هو منهنجي فيملي کي تباهه ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.