”سونهن راڻي ته هيس پر هن فلم مون کي اداڪارا بڻايو“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم انڊسٽري کي ڪيتريون ئي مقبول فلمون ڏيندڙ اداڪارا ايشوريا راءِ پنهنجي هڪ فلم تائين پاڻ کي اداڪارا ئي نه سمجهندي هئي.

ان حوالي سان سندس هڪ انٽرويو پڻ ڏنل آهي جنهن ۾ اداڪارا اهو چوي ٿي ته هوءَ سونهن راڻي بڻي، سونهن راڻي بڻجڻ سولو آهي پر مان پاڻ کي اداڪارا نه سمجهندي هيس.

اداڪارا ايشوريا راءِ موجب هن جڏهن تال فلم ۾ ڪم ڪيو تڏهن هن پاڻ کي مڪمل اداڪارا سمجهيو، ڇو ته هن فلم لاءِ جيڪا محنت ڪئي هئي تنهن تي کيس فخر هو.

ايشوريا موجب ان فلم کانپوءِ منهنجي سڃاڻ هڪ اداڪارا طور بڻي ۽ مان مطمئن هيس توڙي جو فلم ڪا وڏي مقبول ڪونه ٿي هئي پر فلم ۾ منهنجي اداڪاري منهنجي لاءِ مطمئن ڪندڙ هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.