سلمان خان کي خطرو: ڀائر ۽ پوليس حرڪت ۾!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سلمان خان ۽ پيءُ کي موتمار ڌمڪين کانپوءِ ٿرٿلو مچي ويو آهي ۽ پوليس به معاملي کي سنجيده وٺندي سلمان خان جي سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي آهي.

سلمان خان صبح سان ئي ٻئي شهر لاءِ روانو ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀائر هاڻي پوليس سان ميل ملاقاتون ڪري رهيا آهن.

وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار سلمان خان جي گهر ٻاهران موجود آهن ۽ اعليٰ عملدار به اچ وڃ ڪري رهيا آهن.

سهيل خان ۽ ارباز خان به سلمان خان جي رهائشگاهه تي موجود آهن جيڪي پوليس اختيارين سان لاڳيتو رابطي ۾ آهن.

پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ضرورت پوڻ تي سيڪيورٽي کي اڃا به وڌائينداسين جڏهن ته پوليس هيل تائين جاچ ۾ ڪنهن کي گرفتار نه ڪيو، جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.