قاتل گينگ پويان پئجي وئي، سلمان خان شهر ڇڏي ويو !

ممبئي (ويب ڊيسڪ) موتمار ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ سلمان خان اڄ صبح سان ممبئي شهر ڇڏي ويو.

سلمان خان جي پيءُ کي ڌمڪين وارو خط مليو هو جنهن ۾ لکيو ويو هو ته تنهنجو حشر به سڌو موسي والا جهڙو ڪنداسين.

مبينا طور تي هي ان ئي گينگ جو خط هو جنهن گينگ سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري قبول ڪئي آهي.

اهڙو خط ملڻ کانپوءِ سلمان خان جو سمورو ڪٽنب ڳڻتي ۾ ورتل آهي.

سهيل ۽ ارباز خان لاڳيتو سيڪيورٽي معاملن تي پوليس سان رابطي ۾ آهن جڏهن ته سلمان خان کي سيڪيورٽي جي حوالي سان شهر ڇڏڻ جو چيو ويو آهي.

صبح سان ئي سلمان خان حيدرآباد ڏانهن اڏام ڀري ورتي آهي، اتي وڃي سيڪيورٽي معاملن تي وڌيڪ ڳالهيون ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.