عمران خان جي بيان خلاف قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ايٽمي پروگرام ۽ پاڪ فوج بابت انٽرويو خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.

وفاقي وزير سردار اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ عمران خان خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج جون دفاع لاءِ نه وسارڻ جوڳيون خدمتون آهن، هي ايوان پي ٽي آءِ چيئرمين جي انٽرويو ۽ لفظن جي سخت مذمت ڪري ٿو.

ٺهراءَ موجب اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسٽيبلشمينٽ درست فيصلا نه ڪيا ته پاڪستان ٽي ٽڪرا ٿي ويندو، ايوان عمران خان جي بيان جي مذمت ڪري ٿو، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف عظيم قربانيون ڏنيون آهن، هي ايوان پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو.

ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته رياست اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري.

اياز صادق جو چوڻ هو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيترين ئي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، عمران خان جو اقتدار ڇا ويو، روز نئين ڳالهه ٿو ڪري.

هن چيو خبر ناهي ته عمران خان دنيا ۾ ڪنهن ڪنهن کي راز ڏنا هوندا، لڳي ٿو پاڪستان خلاف جيڪي نقشا ٺاهيا ويا، انهن ۾ به اهي شامل هئا.

سندس موجب عمران خان پاڪستان جي ٽن ٽڪرن جي ڳالهه ڪري ان جي تائيد ڪئي آهي، ملڪ ۾ ايٽمي پروگرام جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ۽ ان کي نواز شريف پورو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.