پاڪستان ۾ تازو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول جي قيمت 200 رپين کان وڌي وئي آهي.
سڄي دنيا ۾ 30 مئي 2022 جي قيمتن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته پاڪستان في ليٽر پيٽرول جي لحاظ سان 41هون سستو يا 128هون مهانگو ترين ملڪ آهي.
هونئن ته دنيا ۾ پيٽرول جي سراسري قيمت 280.61 پاڪستاني رپيا في ليٽر آهي پر سڀ کان سستن ۽ مهانگن ملڪن ۾ اگهن ۾ وڏو فرق موجود آهي.
دنيا ۾ هن وقت سڀ کان سستو پيٽرول لاطيني آمريڪي ملڪ وينزويلا ۾ آهي، جتي في ليٽر پيٽرول لاءِ رڳو 4.41 رپيا خرچ ڪرڻا پوندا آهن.
ان جي ڀيٽ ۾ سڀ کان مهانگو پيٽرول هانگ ڪانگ ۾ آهي، جتي هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت 588.21 رپيا آهي.
حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته 30 مئي تائين اگهن جي لحاظ سان افغانستان ۾ پيٽرول پاڪستان کان سستو هو، جيڪو 174.12 رپيا ليٽر هو، جڏهن ته ان وقت پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 179 رپين کان وڌيڪ هئي.
نون قيمتن کان پوءِ پاڪستان ۾ پيٽرول بنگلاديش کان به مهانگو ٿي ويو آهي، جتي في ليٽر پيٽرول 198.05 رپين ۾ ملي رهيو آهي.
ڀارت ۾ پيٽرول پاڪستان جي ڀيٽ ۾ گهڻو مهانگو آهي ۽ في ليٽر پيٽرول جي قيمت 266.90 رپيا آهي.
چين ۾ في ليٽر پيٽرول 288.36، آمريڪا ۾ 251.37، سعودي عرب ۾ 123.40 ۽ قطر ۾ 114.57 رپين ۾ ملي رهيو آهي.