انٽارڪٽيڪا هيٺان ڳجهي آبي جيوت دريافت

سائنسدانن برفاني کنڊ انٽارڪٽيڪا جي برفاني تهه هيٺان ڳجهي آبي جيوت ڳولي ورتي آهي.

نيوزيلينڊ جي سائنسدانن روس آئيس شيلف کان ڪجهه سئو ڪلوميٽر پري واقع برف جي تهه هيٺان هڪ درياهه ۾ جهينگن سان هڪجهڙائي رکندڙ جاندارن کي دريافت ڪيو آهي.

سائنسدانن موسمياتي تبديلين جي حوالي سان برفاني سطح تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان جاکوڙي رهيا هئا.

کوٽائي دوران هڪ جاءِ تان هنن دريافت ڪيو ته سندن اندر موڪليل ڪيمرا تي ايمفي پوڊز نالي مڇين ڪاهه ڪري ڏني.

سائنسدانن موجب ڪجهه وقت تائين اسان کي لڳو ته ڪيمرا ۾ ڪا خرابي ٿي آهي پر جڏهن منظر واضح ٿيو ته اسان ننڍين مڇين کي ڏٺو.

سائنسدانن موجب اسان اهو منظر ڏسي ڇرڪجي پياسين ڇو ته انهن جاندارن سان واضح ٿئي ٿو ته هتي زندگي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.