بشريٰ بي بي جي ڪرپشن جا اسڪينڊلز نيب کي موڪلڻ جو ٺهراءُ جمع

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي زال بشريٰ بي بي جي ڪرپشن جا اسڪينڊلز قومي احتياب بيورو کي موڪلڻ وارو ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.

مسلم ليگ ن جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر حنا پرويز بٽ اهو ٺهراءُ جمع ڪرايو.

ٺهراءُ ۾ وفاق کان بشريٰ بي بي جي ڪرپشن وارا ڪيسز نيب کي موڪلڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي خاتون اول هجڻ جو ناجائز استعمال ڪيو آهي، سندس ڪرپشن اسڪينڊلز جو ڪيس فوري طور تي نيب کي موڪليو وڃي.

اهو به چيو ويو ته نيب ڪيسز جي جاچ تيز ڪري بشريٰ بي بي ۽ عمران خان کي انڪوائري لاءِ طلب ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.