وقار يونس کي فالو ناهيان ڪندو، بالنگ ايڪشن فطري آهي: عُمران ملڪ

والاريل ڪشمير سان تعلق رکندڙ ڀارتي فاسٽ بالر عُمران ملڪ چيو آهي ته هو اڳوڻي پاڪستاني فاسٽ بالر وقار يونس کي فالو ناهي ڪندو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب عُمران خان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جسپريت بمرا، محمد شامي ۽ ڀونيشور ڪمار منهنجا آئيڊيل آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وقار يونس کي فالو ناهي ڪندو منهنجو بالنگ انداز فطري آهي.

ياد رهي ته آءِ پي ايل دوران بريٽ لي عُمران ملڪ جي بالنگ تي تبصرو ڪندي چيو هو ته کيس ڏسي پاڪستاني ليجنڊ فاسٽ بالر وقار يونس ياد ايندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.