ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم اسلام آباد پهتي، جتان نجي ايئر لائن ذريعي ملتان پهتي، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

ملتان پهچڻ تي مهمان ٽيم جي شاندار آجيان ڪئي وئي، جنهن جي ويڊيو به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچون ترتيب وار 8، 10 ۽ 12 جون تي کيڏيون وينديون، ٽنهي ميچن جي ميزباني ملتان ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.