اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ ٻيهر واڌ ڪرڻ کانپوءِ اقتصادي بحران مان نڪري آيا آهيون.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، پيٽرول جي قيمت ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪري اسان اقتصادي بحران مان نڪري آيا آهيون.
هن چيو ته وزيراعظم ايندڙ وقت ۾ مهانگائي تي ضابطي لاءِ قدمن جو اعلان ڪندو ته جيئن حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اچي سگهي.
The Prime Minister will at some point announce austerity measures to save government expenditures. But there is not going to be any declaration of financial emergency. Nor is there any financial emergency. After two increases in petrol prices, we are out of the financial crisis.
— Miftah Ismail (@MiftahIsmail) June 6, 2022
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽ، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس يا عوام جي پرائيويٽ لاڪرز کي منجمد ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، اسان اهڙو ڪو قدم نه کڻنداسين، سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان خبرون غلط آهن ۽ جانبدار ڌرين طرفان پکيڙيون پيون وڃن.