ٿولهه جي شڪار ماڻهن لاءِ وڏي خوشخبري، وزن گهٽائڻ واري دوا تيار ٿي وئي

جسماني وزن گهٽائڻ سولو ناهي هوندو ۽ ان لاءِ ماڻهو ورزش ۽ ٻيا طريقا اختيار ڪندا آهن.

پر هاڻي هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي وئي آهي جيڪا جسماني وزن گهٽائڻ لاءِ تمام گهڻي فائديمند ثابت ٿي رهي آهي.

هڪ آمريڪي ڪمپني  طرفان تيار ڪيل Tirzepatide  جي آخري مرحلي جي ٽرائل جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا آهن.

ٽرائل ۾ شامل ٿولهه جي شڪار ماڻهن کي اها دوا 72 هفتن تائين استعمال ڪرائي وئي جنهن سان سندن وزن ۾ ايوريج 23 ڪلو گرام گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي. ٽرائل ۾ 2539 فردن کي شامل ڪيو ويو هو جن جو جسماني وزن تحقيق جي شروعات وقت 104 ڪلوگرام کان وڌيڪ هو.

ٽرائل ۾ شامل سمورا فرد هاءِ بلڊ پريشر، هاءِ ڪوليسٽرول يا دل جي شريانن جهڙين بيمارين کي منهن ڏئي رهيا هئا.

کين سموري ڏينهن ۾ 500 ڪيلوريز استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

هڪ چوٿائي فردن کي پليسبو دوا ڏني وئي جڏهن ته باقي 3 فردن کي ٽن گروپن ۾ ورهائي هفتي ۾ هڪ دفعو 5 ملي گرام، 10 ملي گرام يا 15 ملي گرام دوا انجيڪشن ذريعي ڏني وئي.

ٽرائل جي پڄاڻي تي جن فردن کي پليسبو جو استعمال ڪرايو ويو انهن جي جسماني وزن ۾ ايوريج 2.4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جڏهن ته Tirzepatide  جي 15 ملي گرام مقدار استعمال ڪندڙ فردن جو جسماني وزن  20 سيڪڙو تائين گهٽيو.

اهڙا ماهر جيڪي ٽرائل جو حصو نه هئا، انهن نتيجن کي حيرت جوڳو قرار ڏنو آهي.

مٿي ڄاڻايل دوا اڃا تائين عام ماڻهن لاءِ موجود ناهي، پر ٽرائل جي نتيجن کانپوءِ اميد آهي ته ريگوليٽرز طرفان ان کي استعمال ڪرڻ جي منظوري جلد ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.