سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ووٽ جي طريقيڪار ۾ تبديلي خلاف درخواست واپس ورتي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ووٽ جي طريقيڪار ۾ تبديلي خلاف درخواست واپس ورتي وئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت پڇاڻو ڪيو ته گذريل اليڪشن ۾ ڇا سمنڊ پار پاڪستانين پوسٽل بيلٽ سان ووٽ جو حق استعمال ناهي ڪيو؟ ڇا 7 هزار پاڪستانين پوسٽل بيلٽ ذريعي ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو هو؟

جسٽس اطهر من الله چيو ته آئين جو احترام ڪرڻ گھرجي، پارليامينٽ کي ان معاملي کي ڏسڻو آهي، هاڻ ته پٽيشن وقت کان اڳ آهي، صدر معاملو واپس اماڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ترميم ئي ناهي ٿي ته عدالت ڪيئن فرض ڪري سگھي ٿي؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس درخواستگذار عارف چوڌري کي چيو ته ممڪن آهي جيڪو توهان چئي رهيا آهيو پارليامينٽ ان تي نظرثاني ڪري وٺي، اڃا ته توهان بل کي چيلينج ڪيو آهي ترميم ٿي ئي ناهي، ڇا هي ڪورٽ پارليامينٽ کان اختيار واپس وٺي ڇڏي؟ جڏهن ترميم ٿي وڃي ته درخواستگذار درخواست فائل ڪري سگھي ٿو.

عدالت چيو ته آمريڪا ۾ 13 رياستون آهن، جيڪي اوور سيز آمريڪين کي ووٽ جو حق ناهن ڏينديون.

عدالت جي ريمارڪس تي درخواستگذار چيو ته مان في الحال درخواست واپس وٺي رهيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.