اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف هفتي ۾ ٻن موڪلن جي تجويز ڏئي ڇڏي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته موجوده حالتن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڇنڇر ۽ آچر موڪل هجي، ڇنڇر، آچر موڪل ۽ جمعي تي اڌ ڏينهن ڪم هجي، معنيٰ هفتي ۾ ساڍا 4 ڏينهن ڪم هجي.
موجودہ حالات میں سارے مللک میں ہفتہ میں ھفتہ اتوار پور ی تعطیل اورجمعہ کےروز آدھادن یعنی ھفتہ میں 4.5دن کام ھو.کام کےدنوں میں ایک گھنٹہ دفاتر کا دورانیہ بڑھا دیا جاۓ.سڑکوں پہ ٹریفک کم ھو گی.تیل اور بجلی دونوں کی بچت ھو گی.کفایت شعار ی کے کلچر کو فروغ ملے گا.
— Khawaja M. Asif (@KhawajaMAsif) June 6, 2022
هن چيو ته ڪم جي ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ آفيسر جو دورانيو وڌايو وڃي، ائين روڊن تي ٽريفڪ گهٽ ٿيندي، تيل ۽ بجلي ٻنهي جي بچت ٿيندي، اهڙن قدمن سان بچت مهم جي ڪلچر کي هٿي ملندي.
واضح رهي ته شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن موڪل جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو پر حڪومت پوءِ ان کي بحال ڪري ڇڏيو.