وزن گهٽائڻ لاءِ ماکيءَ ۽ ليمي جي رس فائديمند يا هاڃيڪار؟ ماهرن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

جيڪڏهن اوهان پنهنجي آس پاس نظر وجهو ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي وزن ۾ واڌ سبب ناخوش هوندا.

ائين محسوس ٿئي ٿو ته ٿولهه يا گهڻو وزن هڪ عام مسئلو آهي جنهن کي سموري دنيا ۾ ڪيئي ماڻهو منهن ڏئي رهيا آهن، جيتوڻيڪ ان جي پٺيان ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا پر هر ڪو وزن گهٽائڻ جو طريقو ڳولي رهيو آهي.

روز ورزش ڪرڻ ۽ صحتمند خوراڪ کائڻ کانسواءِ، ماڻهو پنهنجن مسئلن جو حل ڳولڻ لاءِ گهريلو ٽوٽڪن جي چونڊ ڪندا آهن، وزن ۾ گهٽتائي بابت مشهور علاج ماکي واري ليمي جي رس آهي، گهڻي قدر ماڻهن کي لڳندو آهي هي جادوئي مشروب سندن وڌندڙ وزن کي گهٽائڻ ۾ کين مدد ڏيندو.

پر خوراڪ جي ماهرن چيو آهي ته ماکي واري ليمي جي رس کي وزن گهٽائڻ ۾ فائديمند سمجهڻ درست ناهي.

خوراڪ جي ماهرن موجب ڪيئي ماڻهو سوال ڪندا آهن ته ڇا ماکي  واري ليمي جي رس پيئڻ فائديمند آهي.

انهن چيو ته اهو سڀ ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿو ته اوهان ان جو استعمال ڪهڙي مقصد لاءِ ڪري رهيا آهيو، مطلب جيڪڏهن اوهان پنهنجي چمڙي لاءِ ماکي واري ليمي جي رس پي رهيا آهيو ته اها فائديمند ثابت ٿيندي، جنهن سان اوهان جي چمڙي صاف شفاف ۽ تازي تواني نظر ايندي.

ماهرن چيو ته جيڪڏهن اوهان وزن گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته اهو اوهان جي حق ۾ ڪم نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ماکي ۾ گهڻي قدر کنڊ وانگر ڪيلوريز جو انگ وڌيڪ هوندو آهي، انڪري اهو طريقو وزن گهٽائڻ جي حمايت نه ڪندو.

ماهرن موجب صبح جو ماکي ۽ ليمي جو رس پيئڻ وزن گهٽائڻ ۾ مدد ناهي ڪندو.

ماهرن وڌيڪ چيو ته گهڻي قدر، وزن گهٽائڻ لاءِ ماڻهو جسم ۾ خراب ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽائڻ جي طريقن جي ڳولا ۾ رهندا آهن پر زندگي جي ڪاروهنوار ۾ ڪجهه تبديليون  ۽ مناسب خوراڪ جو منصوبو خراب ڪوليسٽرول کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.