پريشاني ختم، هاڻي ڪجهه منٽن ۾ سمارٽ فون فُل چارج ٿيندو

هن وقت رئيل مي جي ٽي نيو 3 سان گڏ 150 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪئي پئي وڃي.

اها هن وقت دنيا جي تيز ترين فاسٽ چارجنگ اسپيڊ آهي پر هاڻ اهو اعزاز جلد ان کان کسجڻ وارو آهي ڇاڪاڻ ته ويوو هن وقت ان ڊوڙ ۾ اڳيان نڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.

ويوو طرفان دنيا جي تيز ترين چارجنگ ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

هڪ رپورٽ موجب ويوو طرفان 200 واٽ اسپيڊ فراهم ڪندڙ چارجر تمام جلد مارڪيٽ ۾ وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويندو.

چيني ڪمپني ايندڙ مهينن دوران آءِ ڪيو او او 10 پرو سان گڏ 200 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

وائرڊ سان گڏ فون ۾ 65 واٽ وائرليس چارجنگ سپورٽ پڻ ڏني ويندي.

ويوو جو چارجر بيٽري کي ڪيتري تيزي سان چارج ڪندو اهو ته واضح ناهي پر امڪان آهي ته ان ۾ به 8 منٽن تائين فون کي چارج ڪرڻ جي صلاحيت هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.