دعا زهرا جو مڙس سان گڏ وڃڻ جو بيان، عدالت عمر جو پتو لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پنجاب مان بازياب ڪرايل دعا زهرا جي عمر جو پتو لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڇوڪري کي شيلٽر هوم موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي دعا زهرا ۽ سندس مڙس ظهير کي انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي  عدالت ۾ دعا زهرا جي والدين طرفان ڌيءُ سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس عدالت جي اجازت بنا ملاقات ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي.

ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪمن تي دعا زهرا کي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس جنيد غفار پڇاڻو ڪيو ته 10 جون تي ڇوڪري کي پيش ڪرڻو هو،  اوهان اڄ ڇو آيا آهيو، جنهن ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عدالتي حڪم هو ته جيئن دعا زهرا کي بازياب ٿئي کيس پيش وڃي جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ به 10 جون تي دعا کي طلب ڪيو آهي. هن چيو ته ڇوڪري پنهنجي مرضي سان صوبو ڇڏي وئي ۽ پنجاب وڃي شادي ڪيائين.

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته لاهور ۾ ڪهڙو ڪيس آهي، جنهن تي کي عدالت ٻڌايو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڇوڪري جي والدين کي هراسان ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي، ان صوبي ۾ ڪو به ڏوهه ناهي ٿيو رڳو شادي ٿي آهي.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته دعا زهريٰ عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مرضيءَ سان ظهير سان شادي ڪئي آهي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا هتي ڇوڪريءَ جي اغوا جو ڪيس ناهي ڇا؟ جنهن تي دعا زهرا جي والد جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته ڇوڪري جي اغوا جو ڪيس داخل آهي، ڇوڪري جي عمر گهٽ آهي انڪري اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

دعا جي والد مهدي ڪاظمي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته دعا جي ڀرٿ سرٽيفيڪيٽ ۾ سندس پيدائش جي تاريخ 27 اپريل 2008ع لکيل آهي، هن وقت دعا جي عمر 14 سال ۽ ڪجهه ڏينهن آهي.

ٻڌڻي دوران جسٽس جنيد غفار ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي ڇوڪري بيان ڏيندي ته اغوا جو ڪيس ختم ٿي ويندو.

دعا زھرا عدالت ۾ چيو تھ منهنجي عمر 18 سال آهي، پنهنجي مڙس ظهير سان گڏ رهڻ گهران ٿي، مان پنھنجي مرضي سان وئي ھيس.

جنهن بعد جسٽس جنيد غفار ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇوڪري اسان جي سامهون بيهي چئي رهي آهي ته کيس اغوا ناهي ڪيو ويو .

جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهريٰ جي عمر جو پتو لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي ۽ رپورٽ اچڻ تائين کيس شيلٽر هوم منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.