ڪاڇي ۾2 هفتا اڳ تشدد جو نشانو بڻيل نينگر فوت

جوهي  ( ن ع  آ )  ڪاڇي جي گاج ٿاڻي جي حد ۾ ٻه هفتا اڳ تشدد جو نشانو بڻيل نينگر  زخمن جي سٽ نه سهندي فوت, لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو ويو, ڪاڇي گاج ٿاڻي جي حد ۾ ٻه هفتا اڳ  ڳوٺ راڄو ديرو واسي  مال چاريندڙ نينگر حڪيم ولد محمد سليمان لنڊ جيڪو هڪ شخص بشير ولد الياس لنڊ جي ڳئون چاريندو هيو,جنهن دوران ڳئون بيمار ٿي پئي , بيمار ڳئون کي جوابدار مالڪ پاران انجيڪشن ڪئي ته ڳئون مري پئي جنهن تان جوابدار کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن کي سيوهڻ اسپتال نيو ويو هيو جتي نينگر زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو آهي., نينگر جو لاش هن وقت پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو آهي جتي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري اسپتال ۾ پيل آهي, اسپتال ۾ موجود فوتي نينگر جي ڀاءُ يونس لُنڊ جو چوڻ آهي ته معصوم ڀاءُ تي تشدد ڪندڙ جوابدار جي ڳئون کي لمپي جي بيماري هئي جنهنکي جوابدار انجيڪشن ڪئي ته ڳئون مري وئي جنهن تان جوابدار سندس ڀاءُ کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ته تو هن کي چاري دوران ڪجهه اهڙو کارايو آهي جنهن ڪري سندس ڳئون مري وئي آهي  هنن  مطالبو آهي ته ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.