خيرپور ۾ پورهيت جو احتجاج، گهر واري ۽ نياڻي کي اغوا ڪرڻ جو الزام

خيرپور( ڊ ر )ڳوٺ عبدالحڪيم چاڪراڻي جي رهواسي سعيد احمد چاڪراڻي پريس ڪلب خيرپور پهچي احتجاج ڪندي الزام مڙهيو آهي ته گذريل ڏينهن جوابدار امام ڏنو چاڪراڻي، غلام مصطفيٰ، شمن خان، نجف علي، حاڪم، حاجي خان چاڪراڻي، ايوب لاشاري، حاڪم لاشاري، حبيب الله چاڪراڻي ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي منهنجي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي گهر واري مسمات رخسانه ۽ ٽي سالا نياڻي بسمه کي زبردستي اغوا ڪري ويا آهن ۽ گهر ۾ رکيل روڪ رقم، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا آهن، هاڻي جوابدار منهنجي معصوم نياڻي کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته برادري ۾ منهنجي ڀيڻ مسمات پروين جي شادي ٿيل آهي .جنهن جا ساهرا مٿس سخت تشدد ڪندا هئا جنهن سبب هن خيرپور جي عدالت ۾ خلع لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي جيڪو ڪيس پڻ عدالت ۾ هلندڙ آهي جنهن تان هٿ کڻائڻ لاءِ منهنجي گهر واري ۽ نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي. هن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي گهر واري ۽ ڌيءَ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ۽ جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.