بلڙي ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

بلڙي شاهه ڪريم(ن ع آ)بلڙي شاهه ڪريم ٿاڻي جي حد ۾ نائون ميل اسٽاپ وٽ قومي شاهراھ ٽنڊو محمد خان تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ تيز رفتاريءَ سبب زوردار ٽڪر جنھن جي  نتيجي ۾ سکر ضلعي سان تعلق رکندڙ ڳڀرو نوجوان عرفان علي پٽ قادر بخش بروھي موقعي تي فوت ٿي ويو . جڏھن تہ ٻي موٽر سائيڪل جو سوار شڪارپور ضلعي سان تعلق رکندڙ نوجوان شڪر خان پٽ قلندر بخش بروھي پڻ سخت زخمي ٿي پيو آهي جنھن کي ڳڻتيءَ جوڳيءَ حالت ۾ سفت ٽيم جي رضاڪارن پاران ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽنڊو محمد خان داخل ڪيو ويو جتان کيس ھنگامي طبي امداد ڏئي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي  ٻي طرف ڪپور چيڪ پوسٽ  جي انچارج  اي ايس آئي عباس لغاري ٻنھي موٽرسائيڪل کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏھن فوتي جو مڙھ ھن وقت ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽنڊو محمد خان ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. اطلاع آھن ته تيز رفتار گاڏين جي اڳيان اوچتو ھڪ ٻڪري اچي وئي جنھن کي بچائڻ خاطر ٻئي موٽر سائيڪل سوار آمھون سامھون ٽڪرائجي ويا جڏھن تہ فوتي جي وارثن سان ھن وقت تائين ڪو به رابطو ناھي ٿي سگھيو جڏھن تہ فوتي ۽ زخمي ھن وقت صفت جي رضاڪارن جي حوالي آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.