ٿرڙي محبت ۾ نينگر کي قتل ڪندڙ جوابدار کان پيءٌ پاران لاتعلقي

راڌڻ(ن ع آ) پنج ڏينهن اڳ ٿرڙي محبت جي الطاف ڪالوني ۾ سڪندر جمالي جي گهر تي حملو ڪري سندس جي پندرهن سالن جي ساگر پٽ سڪندر جمالي کي قتل ڪندڙ شهزادو جمالي جي پيء نادر جمالي ميڊيا جي آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي پٽ شهزادو پنهنجي برادري جي ويجهي مائٽ سڪندرعلي جمالي جي گهر تي حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ معصوم بي گناه ساگر کي قتل ڪري ويو آهي. سندس پيء کي زخمي ڪيو آهي هن وڌيڪ چيو ته قتل ٿيل معصوم اسان جو ويجهو عزيز هو هن ان کي بي گناه قتل ڪيو هو هاڻي اسان کي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيو پيو ڏيئي مان هن ميڊيا ذريعي اعلئ اختيارن کي اپيل ڪيا ٿو ته شهزادي جمالي کي فوري گرفتار ڪيو وڃي اسان کي هن قاتل کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اسان جو هن سان ڪو به واسطو ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.