جسقم سانگهڙ جي اڳواڻ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف موري ۾ احتجاج

مورو ( ت ر ) جسقم جساف جي اڳوڻي صدر،موجوده جسقم ضلعي سانگھڙ جي نائب صدر دوست علي ڀٽي کي بلاجواز ڪيترن ڏينھن کان جبري طور کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف جسقم طرفان فورن آزادي جو مطالبو ۽ گھر ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي جسقم جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي،اشرف لغاري،تاج جويو،شاھنواز سنڌي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ جبري گمشدگين جو رڪارڊ اضافو ٿيو آھي،سوين سنڌ جا پٽ کنڀي گم ڪيا ويا آھن،جن جون فيمليون رت جا ڳوڙھا ھاري رھيون آھن، سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي، پر ڪير به سندن ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي،قانون،ڪورٽون،آئين بيوس  خاموش نظر اچي پيو،انساني حقن جي سخت لتاڙ ۽ ڀڃڪڙي ٿئي پئي،اسان دنيا جي عالمي ادارن،عالمي عدالتن،ايمنسٽي انٽر نيشنل،۽ ٻين مذھبن ملڪن کان فورن مطالبو ۽ گھر ڪيون ٿا، جسقم اڳواڻ دوست علي ڀٽي،سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جو نوٽيس وٺي سندن فيملين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.