آريجن لڳ ڪتن حملو ڪري پيرسن کي ڏاڙهي وڌو

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) يونيورسٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميان اسحاق کوهارو واسي 50 سالا پورهيت محمد رمضان ولد ولي محمد ابڙو ڳوٺ ٻاهران سرن جي بٺي تي مزوري ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ بيٺل رولو ۽ ڇتن ڪتن سندس مٿان حملو ڪري ڏاڙي زخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن بعد زخمي پورهيت کي وارٽ زخمي حالت ۾ تعلقا اسپتال باقراڻي ايٽ آريجا کڻايا آيا جتي آچر جي ڪري اسپتال بند هئڻ سبب زخمي پورهيت کي ويڪسين نه لڳي سگهي جنهن بعد زخمي پورهيت کي وارث لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي ويا ان موقعي تي زخمي پورهيت جي وارثن ولي محمد ابڙو ۽ ٻين صحافين اڳيان داهيندي چيو ته افسوس آهي. جو انتظاميا کي ڪيترا ڀيرا رولو ۽ ڇتن ڪتن جي آزار جون شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي ان موقعي هنن ڊي سي لاڙڪاڻو اي سي باقراڻي ۽ ٻين وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اهڙي مامري جو نوٽيس وٺي ٽائون ڪميٽي آريجا ۽آس پاس جي ڳوٺن ۾ ڪتا مار مهم هلائي شهرين توڙي ڳوٺاڻن مان بيچيني دور ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.