شاعرن جي سرتاج شاهه ڪريم بلڙي واري جو ميلو، پانڌيئڙا پهتا

بلڙي شاهه ڪريم (رپورٽ : احسان انصاري ) سنڌ جي شاعرن جي سرتاج  ۽ عظيم صابرين اولياءُ حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو 411 ھين عرس مبارڪ اڄ کان شروع ٿي ويو. جڏھن ته عرس مبارڪ جو باقائده آغاز سيڪريٽري اوقاف سنڌ جاويد صبغت الله مهر ۽ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف عبدالغني سوين عقيدتمندن سان گڏ درگاھه تي چادر چاڙهي  اجتماعي دعا گهري ڪيو. ان موقعي تي ڪريمي ۽ لطيفي راڳين پاران صوفياڻو سماع به جاري آهي،اوقاف کاتي جي آفيسرن ڪريمي سماع م به شرڪت ڪئي ان موقعي تي سيڪريٽري اوقاف سنڌ جاويد صبغت الله مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ڇيو ته سنڌ صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي هنن ولين هميشه امن پيار ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي , هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته درگاه شاه ڪريم کي درپيش مسئلا جلد حل ڪيا ويندا ۽ درگاه م کٽيل سهوليتون به فراهم ڪيون وينديون . جڏھن تي عرس مبارڪ تي ايندڙ زائرين پاران پاڻيءَ سميت ٻيون گھربل سھولتون اڻلڀ ھجڻ تي شڪايتن جا انبار  ٻئي طرف عرس مبارڪ جي موقعي تي ڊي ايس پي بلڙي شاه ڪريم سيد مجاھد علي شاھ جي اڳواڻي ۾ درجنين پوليس اهلڪارن پاران سيڪيورٽي جا جوڳا اپاءَ وٺي بھتر انتظام پڻ ڪيا ويا آهن , جڏهن ته عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مريدن عقيدتمندن جي آمد جو سلسلو پڻ جاري آهي جاري آھي مگر شھرين توڙي عقيدتمندن ان ڳالهه تي اعتراض ورايو آھي تہ ماضيءَ جيان ھن ڀيري ميلي ۾ دڪانداري سميت ھر شئي جي ڪمي آھي جنھن ڪري کيس مايوسي نظر اچي رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.