گمبٽ ويجهو پرڻيل ناري پاران واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش

گمبٽ (ن ع آ ) گمبٽ جي ابل واھ واري علائقي واسڻ نوجوان پرڻيل عورت پاران گھرو اڻبڻت تان گمبٽ گمس سامھون روھڙي ڪئنال جي پل تي پھچي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي ايندڙ ويندڙ ماڻهن سميت گمس جي سيڪيورٽي عملي واھر ڪري ڪئنال ۾ ٽپو ڏيڻ کان روڪي خودڪشي ڪرڻ کان بچائي ورتو اطلاع تي گمبٽ پوليس پھچي آپگھات جي ڪوشش ڪندڙ عورت کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي آڻي اھڙي رپورٽ داخل ڪري ورتي رابطو ڪرڻ تي گمبٽ پوليس ٻڌايو ته گمبٽ جي ابل واھ واري علائقي واسڻ 25 ورھين جي نوجوان پرڻيل عورت سلمه خاتون زال صاحب (ونڊير) مڙس سان گھرو اڻبڻت تان روھڙي ڪئنال جي پل تان ٽپو ڏئي انتھائي قدم کڻندي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي راھگيرن ۽ گمس جي سڪيورٽي عملي بچائي ورتو عورت موجب ته کيس ھڪ معصوم کير پياڪ پٽ جو اولاد آهي مڙس سان اڻبڻت سبب پنھنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي مذڪورہ عورت کي وومين پوليس حوالي ڪيو ويو آهي کيس بيان لاءِ (اڄ) عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.