مانجهند (ن ع آ) خاڻوٺ انڊس هاء وي تي نائين ڪلاس جو پريڪٽيڪل ڏئڻ لاء منظور آباد سينٽر ويندڙ 15 ورهين جو شاگرد ولد بشارت ميمڻ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ديوار سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڏينهن اڳ زخمي ٿي پيو هو جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد جي اسپتال ۾ کڻائي ويا جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جنهن اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي جي لاش کي خاڻوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.