لاڙڪاڻي جيل جي قيدين ۾ ڇڪتاڻ جاري، ٽوٽل ڏيڻ کان انڪار، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جا قيدي 6 ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل، جيل مان ويڊيوز وائرل ڪندي جيل سپريٽيڊنٽ کي هٽائي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيل قيدين کي واپس آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميه ۽ قيدين وچ ۾ قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪرڻ واري معاملي تان ڪالهه ڇهين ڏينهن به ڇڪتاڻ جاري رهي جتي قيدين ٽوٽل ڏيڻ کان انڪار ڪندي مسجد اندر پاڪ ڪتاب سامهون رکي جيل انتظاميه خلاف احتجاج ڪيو ۽ جيل مان قيدين پنهنجا جيل مان سُڪل مانيون کائڻ وارا ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيا. ان موقعي تي قيدين دانهيندي الزام لڳايو ته جيل انتظاميه طرفان ڇهن ڏينهن کان اسان جو کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي بند ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري قيدي پٽ تي پيل سڪل مانيون کائڻ تي مجبور آهيون. هنن چيو ته اسان مان ڪجهه قيدي ڦاهي گهاٽ جا آهن ۽ ڪجهه قيدي مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن جن کي ماني نه ملڻ جي ڪري انهن جي حالت خراب ٿيندي پئي وڃي ان لاءِ ڪيترائي ڀيرا جيل انتظاميه کي شڪايتون ڪيون پر هو اسان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلور کي هٽائي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيل قيدين کي واپس سينٽرل جيل آڻي جيل اندر پاڻي، بجلي ۽ ماني ڏئي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ٻي صورت احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن 6 ڏينهن گذرڻ جي باوجود آءِ جي جيل سنڌ سميت چونڊيل نمائندن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن طرفان جيل انتظاميه ۽ قيدين وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا ويا جنهن ڪري قيدي مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.