لاڙڪاڻي ۾ انجنيئر جو لاش هٿ آچڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻيل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد رائيس ڪئنال مان آبپاشي کاتي جي انجنيئر پرويز حسين سولنگي جو لاش اچڻ واري معاملي ۾ اڃان تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي جنهن ڪري معاملو ڳجهارت بڻيل آهن. ان حوالي سان انجنيئر جي پٽ ايڊووڪيٽ جهانزيب سولنگي ٻڌايو ته بابا جو رائيس ڪئنال مان لاش هٿ اچڻ ۽ ان جي موقت جي ڪارڻ جي ڪا به خبر ناهي اڄ پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ٿيڻ جا امڪان آهن جنهن جو معائنو ڪري صلاح مشوري بعد بابا جي واقعي جو ڪيس داخل ڪنداسين. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي رحمت پور پوليس ٻڌايو ته انجنيئر جو ڪو به وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهي آيو جيڪڏهن ڪو به وارث آيو ته سندن مرضيءَ موجب اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته انجنيئر جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ٿيڻ لازمي آهي جيڪا ملڻ شرط اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون جنهن کان پوءِ وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوجود انجنيئر پرويز حسين سولنگي جي موت وارو معاملو ڳجهارت بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.