لاڙڪاڻي ۾ گولي لڳڻ سبب ناري زخمي، واقعو اتفاقي قرار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ گولي لڳڻ سبب 16 سالن جي ناري زخمي ٿي پئي، وارثن واقعي کي اتفافي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد مٺاڻي محلا ۾ ڀاءُ جي پسٽل مان گولي لڳڻ سبب 16 سالن جي نوجوان ناري شريفان مغيري سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي ناري جي وارثن ٻڌايو ته شريفان پنهنجي ڀاءُ بلاول کي گهر اندر راند پئي ڪئي ته ان دوران ڀاءُ جي پسٽل مان گولي لڳڻ سبب هوءَ سخت زخمي ٿي پئي ۽ واقعو اتفاقي آهي .جنهن بعد اسان کيس اسپتال داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمي ناري جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.