مٽياري (ت ر)مٽياري ويجهو ڇنڊڻ موري ڀرسان جي انبن سان ڀريل مزدا ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ مزدا تي ويٺل 6 مزدور سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال مٽياري آندو ويو، جن کي تعلقي اسپتال مان فرسٽ ائيد ڏيڻ بعد حالت خراب هجڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس، زخمين ۾ شاهه زمان، واحد بخش، پير بخش، جمن، الهڏنو سمون شامل آهن.