هر شيءِ مهانگي، ڄهاڙيون ساڳيون…

غلام مهدي لنڊ

وفاقي حڪومت پاران عوام مٿان پيٽرول جو بم ڪيرائڻ سان نه رڳو پيٽرول پر کائڻ پيئڻ جي هر شيء مهانگي ٿي وئي هئي، اهو ئي ڏک ۽ ڪاوڙ عام ماڻهوء مان ختم نه ٿي هئي ته وري ٻيهر وفاقي حڪومت پيٽرول جو ٻيو بم عوام مٿان ڪيرائي ڇڏيو آهي. پيٽرول جي وڌڻ سان اٽو ۽ گيه سميت کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ ڪرايا ڀاڙا پڻ وڌي ويندا آهن جنهن سبب گھٽ پگھار ۽ ڄهاڙيدار ٻه ولا ماني کائڻ لاء به پريشان رهن ٿا. حڪومت مهانگائي ته ڪندي پئي وڃي پر مختلف فيڪٽرين ۾ توڙي هر نجي نوڪري ڪندڙ شخص جي لاء صهولت ناهي، ٻه ڏينهن اڳ به مزدور اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو هو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي ٽي طرفي ليبر ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ۽ سنڌ ليبر اسٽينڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي جيڪا مزدورن جي حوالي سان هر معاملي ۾ حڪومت جي مدد ڪندي پر ٽن سالن کان پوءِ اها ڪميٽي معطل ٿي وئي آهي ۽ ان کي مسلسل ڪم ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ سوشل سڪيورٽي انسٽيٽيوٽ (SSSI) جو به ساڳيو حال آهي. ڪافي عرصو اڳ بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ جي اعلان باوجود نه مزدورن کي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن ۽ نه ئي ڪمپيوٽرائيزڊ طريقيڪار متعارف ڪرايو ويو آهي. ڪروڙين مزدور نون ۽ پراڻن طريقن سان پيسا پيا آهن ۽ سيسي جا آفيسر ڏينهن ٻه ۽ رات چوويهن ٿي رهيا آهن،

ڪرپشن جا اسڪينڊل پکڙجي رهيا آهن. سوشل سيڪيورٽي انتظاميه تحت صوبي جون سموريون اسپتالون عام طور تي جڏهن ته ويلڪا ۽ لانڍي اسپتالون خاص ڪري مزدورن لاءِ ذبح خانو بڻجي ويون آهن. صحت جي خرابي ۽ جعلي دوائن جي ڪري مزدورن جي زندگين سان کيڏيو پيو وڃي، جڏهن ته اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي جي ناقص انتظامن ڪري مريضن جي زندگين کي خطرو آهي. ڏک جي ڳاله ته اها آهي جو سنڌ پهريون صوبو هو جنهن 2021 ۾ غير ماهر مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ برقرار رکيو. مالڪن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ سنڌ مينيمم ويج بورڊ کي ٻن مهينن اندر پگهارون مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ مينيمم ويج بورڊ جا سرڪاري عملدار سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب اجرت جي تعين ۾ مسلسل رڪاوٽون وجهي رهيا آهن جيڪو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي سڌي سنئين خلاف ورزي ۽ توهين عدالت آهي. بدقسمتي سان اهو سڀ ڪجهه اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن وفاق ۽ ٻين ٽن صوبن 25 هزار رپيا ماهوار اجرت جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ ۾ مزدور، جنهن سڀ کان پهرين اجرت ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو، اهي 25 هزار اجرت جي اعلان ۽ ان تي عملدرآمد جو انتظار ڪري رهيا آهن. بدقسمتيء سان رڳو سنڌي قوم سان ئي اها ويساگھاتي آهي جو هتي جا مزدور پنهنجا حق ته پري جي ڳاله پر پگھار به پوري ڪو نه پيا کڻن، اگر ڪو ڳالهائي پيو ته ان کي فيڪٽرين ۾ ويٺل ٺيڪيدار نوڪريء مان فارغ ڪيون ويٺا هن. ليبر ڊپارٽمينٽ وٽ پهچي متاثر مزدورن کي حق ڏيارڻ بجاءِ ڌمڪايو پيو وڃي. هي ادارو رشوت خور بڻجي چڪو آهي جتي مزدورن جي حقن ۽ آواز کي دٻايو وڃي ٿو. ليبر کاتو مزدورن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ بدران فيڪٽري مالڪن جو نمائندو ۽ ترجمان بڻجي ويو آهي. يونينزم تي پابندي لڳائي وئي آهي.  يبر ڊپارٽمينٽ مسلسل نون رجسٽرڊ يونينز جا انگ اکر شايع ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، جيڪو ان جي نااهلي ۽ مزدور مخالف جذبي جو واضح اشارو آهي.

ليبر ڊپارٽمينٽ جون آفيسون انهن علائقن ۾ قائم ڪيون ويون آهن جتي مزدورن جو پهچڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مزدورن جي ڪا به دادرسي نه پئي ٿي. وفاق هجي يا صوبائي حڪومت انهن کي وڌيندڙ مهانگائي تي نظرثاني ڪري انهن مسڪين مزدورن جو حال ڏسي انهن کي سبسڊي ڏي ته جيئن هو پنهنجو پيٽ پالي سگهن ان سان گڏوگڏ جيڪي مزدور آهن انهن کي پنهنجي ئي پاس ٿيل بل موجب فيڪٽري مالڪن کي پگھارون ڏيڻ جو پابند بڻائين، تڏهن وڃي عوام ساه جو سک کڻي سگھي ٿو نه ته ايتري گھٽ پگھار ۾ قدرتي آڪسيجن ۾ به مهانگائيء سبب غريب مزدورن جو ساه ٻوساٽجي پيو. اڄ سنڌ جا مزدور سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کان مطالبو ٿا ڪن ته پورهيتن جي حقن تي ٿيندڙ مسلسل حملن کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. گهٽ ۾ گهٽ اجرت بورڊ جي اجلاس ۾ فوري طور تي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. انهن ادارن ۾ ڪرپشن، لاقانونيت ۽ بدانتظامي کي روڪڻ لاءِ سوشل سيڪيورٽي، ورڪرز ويلفيئر بورڊ جهڙن سمورن ادارن جو فرئزڪ ۽ انتظامي آڊٽ ڪرايو وڃي. يونيورسلائيزيشن آف سوشل سيڪيورٽي جي عوام دوست منصوبي تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. ٺيڪيداري نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ سڌو سنئون قدم کنيو وڃي. ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي تعمير ٿيل فليٽن کي آباد ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن. بجلي، پاڻي ۽ گيس جون سهولتون فوري طور تي فراهم ڪيون وڃن. هوم بيسڊ ورڪرز ايڪٽ تحت جلد کان جلد ڪائونسل قائم ڪئي وڃي.

هوم بيسڊ گورننگ بورڊ کي فعال ڪيو وڃي ۽ هوم بيسڊ ورڪرز جي رجسٽريشن جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. رجسٽريشن ۾ رڪاوٽ وجهندڙ ليبر آفيسرن کي سزا ڏني وڃي. زرعي پورهيتن ۽ ماهيگيرن کي قانون موجب حق فراهم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ انهن کي فوري طور تي ضابطا جاري ڪيا وڃن ته جيئن اهي مزدور به قانون موجب فائدا حاصل ڪري سگهن. اسٽيل ملز جي بحالي ۽ ان جي ملازمن سان ڪيل واعدن تي فوري عمل ڪيو وڃي ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ جون ذيلي آفيسون انهن علائقن ۾ قائم ڪيون وڃن، جيڪي عام مزدورن جي پهچ ۾ هجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.