چيني استادن تي حملي آورعورت جي مڙس تي ٽيررفنانسگ جو ڪيس

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني استادن کي  نشانو بڻائيندڙ آپگهاتي بمبار عورت جي مڙس ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو. عورت بمبار جي مڙس هيبتان بسير ۽ ٻين خلاف ٽيرر فنانسنگ جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ انسپيڪتر ثناءُالله جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ نامزد جوابدار ۽ ٻين ساٿين تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي لاءِ فنڊنگ جو الزام لڳايو ويو آهي. پوليس اختيارن موجب آپگهاتي حملي آور شاري حيات جي مڙس ۽ ٻين جي ڳولا جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.