ڀان مان نينگري جو گوليون لڳل لاش هٿ، قتل جو شڪ

ڀان سيدآباد ( رپورٽ آدم مينگل  ) ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ ڪارياڻي ۾ 14 ورهين جي ناري بينظير عرف مرڪ ڌيءُ محمد خان خاصخيلي جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي، اطلاع ملڻ تي ڀان سيدآباد پوليس ناري بينظير خاصخيلي جو لاش تحويل ۾ وٺي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ سيوهڻ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ناريءَ جي والد محمد خان خاصخيلي شروعاتي طور تي پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو آهي ته منهنجي ڌيءُ پنهنجو پاڻ کي پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڀان سيدآباد قربان قمبراڻي ٻڌايو ته ناريءَ کي گوليون لڳل آهن، ان جي ڪري واقعي جي جاچ ڪريون پيا ته ڪٿي ناري کي قتل ته ناهي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ناري بينظير جي جسم جي مختلف حصن تي گوليون لڳل آهن، پوليس کي شڪ آهي ته ناريءَ کي قتل ڪيو ويو آهي ان جي ڪري معاملي جي سمورن رخن کان جاچ ڪئي ويندي. آخري اطلاعن تائين ناري بينظير جولاش سيوهڻ جي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ پيل هيو. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناريءَ کي قتل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.