بحريا ٽائون ۽ پاڻي کوٽ خلاف جسم جا احتجاجي مظاهرا، ڪراچي ۾ رستا روڪ، ڌرڻو

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر( رپورٽر+نمائندا)  جيئي سنڌ محاذ طرفان بحريا ٽائون ۽ ٻين ميگا رھائشي منصوبن درياھ تي پنجاب جي قبضي، پاڻي کوٽ ۽ مھانگائي خلاف سڄي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪلاڪن جي اعلانيل بک ھڙتال جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪراچي پريس ڪلب آڏو جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، نواز شاهه ڀاڏائي ۽ ممتاز بروھي جي اڳواڻي ۾ آيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪراچي پوليس مختلف ھنڌن تي روڪي ورتو . جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سچل ڳوٺ کان آيل قافلي کي گورنر ھائوس وٽ روڪيو ويو. وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ ڪورنگي کان ايندڙ ڪارڪنن کي گورا قبرستان وٽ اٽالن روڪي ورتو.  سھراب ڳوٺ کان اين ڊي پي اڳواڻ ممتاز بروھي جي قيادت ۾ ڪارڪن ڦوھارا چوڪ وٽ پھتا ته کين اڳتي وڌڻ کان روڪيو ويو جنھن بعد مڇريل ڪارڪن پارٽي سربراھ رياض علي چانڊيو نواز شاھ ڀاڏائي ممتاز بروھي ۽ پنھل جمالي جي اڳواڻي ۾ ڦوھارا چوڪ وٽ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا بعد ۾ رڪاوٽون ھٽائي قيادت ۽ ڪارڪن پريس ڪلب پھتا جتي 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتال شروع ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي رياض علي چانڊيو چيو ته ملڪ ۾ سول مارشلا لاڳو آھي جھموريت جو ڍونگ رچايو ويو آھي پرامن احتجاج ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي پيپلزپارٽي کي احتجاج جو حق آھي پاسبان پاڪستان کي احتجاج جو حق آھي پي ٽي آئي احتجاج ڪري سگھي ٿي. مزدور يونين احتجاج ڪري سگھي ٿي صرف قومپرستن ۽ سائين جي ايم سيد جي پيروڪارن کي پرامن احتجاج جو حق ناھي پيپلزپارٽي سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ مڙھي ڇڏيو آھي سنڌو درياھ تي پنجاب جو غير قانوني قبضو مضبوط ٿي چڪو آھي سنڌ ۾ پاڻي نه ھئڻ سبب ڪاروھنوار ٺپ ٿي ويو آھي ڌارين کي ڊوميسائيل ڏنا ويا آھن .. سپريم ڪورٽ 2018 ۾ بحريا ٽائون خلاف ڏنل پنھجي ئي فيصلي تي عمل نٿي ڪرائي سگھي انصاف ڪير ڏيندو ٻئي طرف جيئي سنڌ محاذ جي پڌرائي موجب جيئي  سنڌ محاذ ڪراچي جي مختلف علائقن گلشن اقبال لياري نيو ڪراچي ۽ قائد آباد ڪورنگي جوھر موڙ سچل ڳوٺ  جي 222 ڪارڪنن نورالاھي جوکيو، نور ڪاتيار، مٺل ماڇي ، سيد ڀورل شاھ ڪريم ڪنڀار علڻ سمون پيار علي سمون شعيب سنڌي جبار آرائين شاھد آرائين فيض سومرو دوست علي جوکيو دلبر ديشي منور انڙ انور انڙ ڪرم چانڊيو گلشير چانڊيو ربنواز سنڌي ويچار سنڌي ميھار ملاح مبارڪ لاشاري پيرو جوکيو دانش ڪلمتي وينجھار ڪلمتي  کي ڪراچي پريس ڪلب ايندي رستن تان گرفتار کين نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آھي. لاڙڪاڻي  ۾  24 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال جي سلسلي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي . رتيديري ۾ جسم ڪارڪنن   اياز بليدي ، سرفراز عارباڻي ، شاهنواز شيخ ، بلاول جلباڻي ، وفا زمان جويو ، نعمان چنو ۽ ٻين احتجاج ڪيو.ٽنڊي محمد خان جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي   زاھد جسڪاڻي ؛ اصغر نوناري ؛ مختيار خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.