پاڻيءَ تي ڌاڙو سنڌ جي نسل ڪشي قرار،انڊس ڊيلٽا جي تباهي لاڙ جو موت آهي:ٺٽي ۾ جلسو

ٺٽو (ن ع آ) سنڌ جي سياسي سماجي اڳواڻن، ماحولياتي ماھرن ۽ پورھيت اڳواڻن انڊس ڊيلٽا ۽ سنڌو درياءُ ۾ پاڻي نهڇڏڻ ۽ ماحولي تباھڪارين تي سخت ڳڻتي ظاھر ڪندي انڊس ڊيلٽا ۾ ھنگامي بنيادن تي پاڻي فراھمي جو مطالبو ڪندي حڪمرانن تي زور ڀريو آھي ته پنجاب جا فلڊ ڪئنال بند ڪري ٻيلن کي آباد ڪرڻ سان گڏ 1991ع اڪارڊ تحت 4 صوبن سان گڏ سنڌو درياءُ انڊس ڊيلٽا  کي پنجون حصيدار سمجھيو وڃي. پورھيت مزاحمت تحريڪ پاران ماحوليات جي عالمي ڏھاڙي تي پريس ڪلب ٺٽو سامھون "سنڌو بچايو ڊيلٽا بچايو” سري ھيٺ جلسو منعقد ڪيو ويو. جنھن ۾ ٺٽو، بدين ، حيدرآباد، سجاول سميت پوري لاڙ پٽي ۽ سموري ڊيلٽا علائقي ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ، گھوڙاٻاري مان وڏي تعداد ۾ آبادگارن، مھاڻن، ھارين، پورھيتن، عورتن، شاگردن ۽ باشعور ماڻھن شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مسرور شاھ چيو نسل ڪشي جا مختلف قسم ٿيندا آھن ايئن قومن ۽ قبيلن جي به نسل ڪشي ٿيندي آھي، سنڌ جي نسل ڪشي مختلف انداز ۾ ڪئي پئي وڃي، اسان کي صفحه ھستي تان مٽائڻ جي سازش ٿي رھي آھي. حڪمران طبقو ايئن ئي استحصال ڪري رھيو آھي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. ھڪ ڪروڙ ماڻھن کي ھيپاٽائيٽس آھي، جنھن کي ماڻھو رب جي رضا ٿا سمجھن، پاڻي بند ڪرڻ جنگ جو جديد قسم آھي. ھن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو سنڌ جي قومي غلامي جو تسلسل آھي. رياست پنجاب کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو مٿان ڊيم ۽ لنڪ ڪينال ٺاھيا. 1859 کان 1945 تائين پنجاب ڌاڙو ھڻندو رھيو جيڪي ڪميشنون ٺھيون ان ۾ پنجاب ڏوھاري ٿيو. ھزارين سالن کان سنڌو جو وھڪرو سمنڊ طرف آھي، جنھن کي پنجاب جا پنج درياھ،  ڪابل درياھ ۽ ٻيون نديون سنڌو کي ڀرينديون رھيون ۽ سنڌو سنڌ کي سيراب ڪندو رھيو پر پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ پنجاب ابتي گنگا وھائي آھي. پنھنجا ٽي درياھ ھندستان کي وڪڻي ان پاڻي جو ازالو سنڌو تي ڊيمن ۽ لنڪ ڪينال ٺاھي ڪري ڪيو ۽ سنڌ جي سھڪاري درياھن کي سنڌو مان ڀريو ويو. اھا عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آھي. عالمي قانون تحت سنڌو درياھي نظام تي سنڌ جو بنيادي حق آھي ۽ سنڌ جي فطري وھڪري کي بحال ڪري انڊس ڊيلٽا ۾ گھٽ ۾ گھٽ 10 ايم ايف پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لازمي آھي. پنجاب سنڌ سان جيڪو پاڻي جو 91 واري معاھدو ڪيو ان تي به ڪڏھن عمل نه ڪيو ويو ۽ نه وري اھو معاھدو عالمي اصولن پٽاندڙ آھي ھن چيو ته عالمي قانون مطابق سنڌ پنجاب وچ ۾ پاڻي جو نئون معاھدو ڪيو وڃي جنھن ۾ سڀني ڊيمن ۽ لنڪ ڪينالن کي ختم ڪري سنڌو جي فطري وھڪري کي بحال ڪيو وڃي. سنڌو درياءُ جي نظام تي سنڌ جو بنيادي حق تسليم ڪيو وڃي ۽ انڊس ڊيلٽا کي 10 ايم اي ايف پاڻي يقيني طور پھچايو وڃي. ماحولياتي ماھر ناصر پنھور چيو ته انڊس ڊيلٽا 5 نمبر وڏي ڊيلٽا ۽ تمر جا ٻيلا 7 ھين نمبر تي وڏا ٻيلا آھن،. پاڻي جو نئون ٺاھ عالمي قانون تحت ٿيڻ گھرجي سنڌ جو ھي خطو شاھوڪار خطو رھيو آھي. پکين، مڇي ۽ ٻي آب جيوت جي نسل ڪشي ٿي رھي آھي. پاڪستان ۾ وڏين ڊيمن ۽ لنڪ ڪينالن ذريعي سنڌو درياھ جي فطري وھڪري کي روڪيو ويو آھي جنھن سبب اڄ دنيا جون پنجون نمبر ڊيلٽا 90 سيڪڙو تباھ ٿي چڪو آھي ۽ لکين ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھن تنھن ڪري درياھ جي فطري وھڪري کي بحال ڪيو وڃي. ھاري ڪميٽي جي ثمر جتوئي چيو ته پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جو بنيادي سبب پنجاب پاران ڊيمن ۽ لنڪ ڪينالن ۽ ڌاڙي جي پاليسي آھي. ٻئي پاسي جيڪو پاڻي بچي ٿو اھو پيپلز پارٽي جي سرپرستي ۾ جاگيردار طبقو کڻي وڃي ٿو. وياج خورن جو عذاب آھي ھاري طبقو مقروض آھي. جلسي کي نثار لغاري، عوامي جمھوري پارٽي جي ايڊوڪيٽ اياز چانڊيو، عوامي ورڪر پارٽي جي فيض ڪيريو،  ڊيلٽا جي متحرڪ سماجي ڪارڪن علي رضا وڻجارو، عوامي ورڪز پارٽي جي ھاري سيڪريٽري فيض ڪيريو، فرزانا انڙ، اعجاز جاکرو، سلمان جاکرو، دوست علي لغاري، لطف علي ھالو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي پاڻي جي حصي تي ڌاڙي جي ڊگھي تاريخ آھي. پنجاب ھزارين ايڪڙ بنجر زمين آباد ڪري رھيو آھي سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ماڻھو ترسي رھيا آھن. جلسي ۾ پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سوشل ميڊيا ٽيم سيد ذاڪر شاھ جي قيادت ۾ مرندڙ ڊيلٽا  جي حوالي سان ھڪ دستاويزي فلم پڻ پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.