ڊرٻ ميهر شاهه ۾ شهيد اهلڪار جي تدفين، زخمي ٿيل حملي آور به فوت

ٽنڊومستي  (ن ع آ)  ڊرٻ ميهر شاھ ۾ گذريل ڏينهن هٿياربندن جي حملي ۾ شھيد ٿيل پوليس اهلڪار اشرف اڄڻ جي جنازي نماز سرڪاري اعزاز سان پوليس هيڊڪواٽر خيرپور  ۾ ادا ڪئي وئي ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ پاران شھيد اهلڪار کي سلامي ڏني وئي جنهن بعد سندس مڙھ ٽنڊو مستي لڳ اباڻي ڳوٺ غلام اڄڻ پهچائي جنازي نماز ادا ڪري اباڻي قبرستان شيخ طيب ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ٻئي پاسي پوليس اهلڪارن مٿان حملو ڪندڙ ڪليري برادري جي ٻن زخمي حملي آورن مان هڪ زخمي  يار محمد ڪليري گمس اسپتال گمبٽ ۾ زخمن جو سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي جنهن کي کهڙا ويجهو جنازي نماز بعد هٿيارن جي ڇانوَ ۾ تدفين ڪئي وئي. علائقي اندر خوف واري صورتحال برقرار  آهي. پوليس وڌيڪ رتوڇاڻ روڪڻ لاءِ چوڪيون قائم ڪري ورتيون آهن. ڊرٻ ميھر شاھ شھر ٻئي ڏينهن به مڪمل طور  بند رهيو  . ياد رھي ته گذريل ڏينهن ڊرٻ ميھر شاھ ۾ ڪليري برادريءَ جي ماڻھن ڊرٻ ميھر شاھ شھر ۾ پوليس چوڪي انچارج اي ايس آءِ گل محمد اڄڻ مٿان  حملو ڪري چوڪي انچارج کي سخت زخمي ڪيو ھو ۽ سندس ڀاءُ پوليس اھلڪار محمد اشرف اڄڻ گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي شھيد ٿي ويو . هوڏانهن ٽنڊومستي پوليس شهيد اهلڪار ۽ چوڪي انچارج اي ايس آءِ سميت زخمين جو ڪيس سرڪار پاران فريادي ٿي ڪليري برادري جي 10 سڃاتل   اظھار علي دلدار علي اسدالله  سجاد ڪليري علي مردان ڪليري نورخان ڪليري سلطان ڪليري يار محمد ڪليري عبدالله ڪليري ۽ نوري عرف ٿلھو ڪليري سميت 10 نامعلوم ماڻھن مٿان ٽنڊومستي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو  .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.