ملڪ رياض جي ڌيءُ پاران بشريٰ بي بي کي منڊي ڏيڻ بابت آڊيو پڌري

لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان عطا تارڙ پاڪستان جي پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض ۽ سندس ڌيءَ جي مبينا آڊيو منظر تي آڻي ڇڏي. لاهور ۾ ن ليگ پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ مبينا آڊيو پيش ڪئي. مبينا آڊيو ۾ ملڪ رياض جي ڌيءَ پنهنجي پيءَ کي ٻڌائي رهي آهي ته فرح جي فون آئي هئي، خاتون اول هيري جي 3 ڪيرٽ جي منڊي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. امبر، فرح جو نالو وٺڻ بنا چئي ٿي ته ڇنڇر تي ان سان ملاقات آهي، منڊي جو ان کان اڳ بندوبست ڪري وٺو، ان تي ملڪ رياض پنهنجي ڌيءَ کي چئي ٿو ته توهان منڊي گهرائي وٺو. پريس ڪانفرنس ۾ عطا تارڙ چيو ته فرح گوگي پنجاب ۾ ويهي سڄي پاڪستان تي حڪومت ڪئي، ان عورت ڪرپشن جي نالي تي ورتل ڪروڙين رپين جا هيرا دبئي ۾ کپايا. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ فرح گوگي اربين رپين جا اثاثا ٺاهيا، پئسا وٺي آفيسرن جون مقرريون ڪيون، جڏهن انهن سڀني اسڪينڊلز جي جاچ ٿيندي ته اهو ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو مني لانڊرنگ اسڪينڊل هوندو. عظميٰ بخاري چيو ته اهو سڄي فلم جو هڪ ٽريلر آهي، سڄي پڪچر اڃا باقي آهي، عمران خان 2 عورتن کي فرنٽ وومين طور رکيو هو، اهي ٻئي عورتون عمران خان جي پويان آهن.هن چيو ته پنڪي، گوگي ۽ ڪپتان، اهو آهي نئون پاڪستان، هاڻ انهن جا ثبوت واري واري سان سامهون اچي رهيا آهن. 03

ملڪ رياض جي آڊيو ليڪ تي ريحام خان جو دلچسپ تبصرو

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان ملڪ رياض ۽ هن جي ڌيءُ جي مبينه آڊيو ٽيپ تي دلچسپ تبصرو ڪيو آهي پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ هن چيو ته هاڻي زال کي هيرو به نه ملي ۽ ور به نه ملي ته ڪجهه انتظام ته بڻجي ٿو،

پي ٽي آءِ پاران آڊيو کان لاتعلقي جو اظهار

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب ملڪ رياض ۽ هن جي ڌيءُ امبر جي مبينه آڊيو تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته منظرعام تي آيل آڊيو سان پي ٽي آءِ جو ڪو به تعلق ناهي پيءُ ڌيءُ جي ڳالهين کي اسان سان نه ڳنڍيو، اسان ان جي ترديد ڪريون ٿا،

ملڪ رياض پاران آڊيو ٽيپ رد، قانوني ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض پاڻ سان منسوب آڊيو ٽيپ کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي جي هوندي جعلي آڊيو بڻائڻ حيران ڪندڙ ناهي، مان ڪنهن سياسي جماعت جي مهم جو حصو بڻجڻ نٿو چاهيان، هن چيو ته مون تي مسلسل حملا ٿي رهيا آهن،مان ان معاملي تي قانوني ڪارروائي جو حق رکان ٿو ۽ ان سلسلي ۾ سوچي رهيو آهيان، سياسي فائدي لاءِ منهنجي آواز جو غلط استعمال ڪيو ويو، ان سازش پٺيان شامل ماڻهن کي وائکو ڪرڻ لاءِ هر قانوني فورم تي رابطو ڪندس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.